ديوان والھ

ديوان والھ (ڪتاب): هي فارسي ديوان ننڍي کنڊ جي نامور تاريخدان ۽ شاعر علي قلي والھ داغستانيءَ جي فارسي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هن جو پورو نالو نواب خان زمان بهادر ظفر جنگ علي قلي تخلص ’والھ‘ هو. هي ايران جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي، پر سنڌ ۽ هند سان هن جو گهرو تعلق رهيو آهي. پنهنجي سؤٽ خديجه سلطان سان گهڻي محبت ڪندو هو ۽ ان جي ٻئي سان شادي ٿيڻ کان پوءِ هن سنڌ ۽ هند ڏانهن رخ ڪيو. سندس ديوان ۾ تقريباً 8 سؤ غزل، قصيدا، مثنويون، ساقي نامه ۽ ٽي سؤ رباعيون آهن. هن حقيقي عشق سان گڏ مجازي عشق کي به ڳايو. سندس شاعري صنائع بدائع ۽ فصاحت ۽ بلاغت سان ڀريل آهي. سندس پنهنجي دؤر جي ننڍي کنڊ جي سخن ورن سان گهرو تعلق رهيو هو، خصوصاً ٺٽي جي شاعرن سان تمام گهڻي ويجهڙائي هئس. هن جي ديوان جا ڪيترائي قلمي نسخا انڊيا آفيس، ايران جي نامور ڪتبخانن، پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني ۽ رامپور جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. انهن کان سواءِ سنڌ ۾ حيدرآباد جي ٽالپر حاڪمن جي ڪتبخاني ۾ ۽ ٽنڊي آغا جي مرزائن جي ڪتب خاني ۾ پڻ هڪ هڪ ’ديوان والھ‘ جو قلمي نسخو موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو